ڪنڌڪوٽ پوليس 7 ڄڻن کي هرکجي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو

ڪنڌڪوٽ ( ڊ ر ) ڪنڌڪوٽ پوليس 7 ڄڻن کي عورتاڻي آواز ۾ هرکجي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو، پوليس جو چوڻ آهي ته سنڌ، پنجاب ۽  بلوچستان سان واسطو رکندڙ ماڻهو ڪچي ۾ڌاڙيلن سان ملڻ وڃي رهيا هئا، ڌاڙيلن کين عورتاڻي آواز ۾ هرکائي ڪچي ۾ گهرايو هو، ڄاڻ ملڻ تي ڪارروائي ڪئي ۽ کين ڌاڙيلن وٽ وڃڻ کان روڪي ڇڏيو، اغوا ٿيڻ کان بچي ويلن ٻڌايو ته ڌاڙيل ساڻن موبائيل فون تي عورتاڻي آواز ۾ ڳالهائيندا هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.