اسلام آباد ( م ڊ ) ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڪرونا وائرس سبب 52 شهري جانيون وڃائي ويٺا،اين سي او سي مطابق ملڪ ۾ ڪرونا وائرس سبب فوتين جو انگ وڌي ڪري 10 هزار 461 ٿي ويو.اين سي او سي مطابق سموري ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جي مريضن جو تعداد 4 لک 92 هزار 594 ٿي ويو.رپورٽس مطابق ملڪ ۾ ڪرونا جي صحتياب مريضن جو تعداد 4 لک 48 هزار 393 تائين پهچي ويو.ڪرونا سبب سڀ کان وڌيڪ فوتگيون پنجاب ۾ ٿيون، جتي فوتين جو انگ 4 هزار 160 ٿي ويو.سنڌ ۾ ڪرونا سبب 3 هزار 623، ڪي پي ۾ هڪ هزار 683، اسلام آباد ۾ 428، گلگت ۾ 101، بلوچستان ۾ 185 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 229 حياتيون وڃائي ويٺا.نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطابق ملڪ ۾ ڪرونا جي فعال ڪيسز جو تعداد 37 هزار 740 ٿي ويو.