لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ نائب صدر مريم نواز هزارا برادري جي ڌرڻي ۾ شرڪت لاءِ سڀاڻي ڪوئيٽا وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي مريم نواز چيو ته 4 ڏينهن ۽ راتين کان سخت سيءَ ۾ هزارا برادري پنهنجي پيارن جي مڙهن سان گڏ اسلام آباد جي بي حسي کي آواز ڏئي رهي آهي، اهو اسلامي اخوت ۽ انساني همدردي جي حوالي سان اسان سڀني لاءِ شرمندگي جو سبب آهي.
میں اپنے والد محمد نواز شریف کی ہدایت پر انشاء اللہ کل یہ التجا لے کر اپنی بہنوں اور بھائیوں کے پاس جا رہی ہوں کہ وہ اپنے پیاروں کی میتیں اللہ کے حوالے کردیں۔ مجھے یقین ہے وہ اپنی بیٹی کی درخواست رد نہیں کریں گے۔
— Maryam Nawaz Sharif (@MaryamNSharif) January 6, 2021
هن اعلان ڪيو ته مان نواز شريف جي هدايت تي سڀاڻي اها درخواست کڻي پنهنجي ڀينرن ۽ ڀائرن وٽ وڃي رهي آهيان ته اهي پنهنجي پيارن جا مڙهه الله جي حوالي ڪري ڇڏين، مون کي يقين آهي ته اهي پنهنجي ڌيءَ جي درخواست رد نه ڪندا.