پاڪ افغان سرحد تي دهشتگردن جي فائرنگ ۾ ايف سي جوان شهيد

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) مهمند ضلعي ۾ پاڪ افغان سرحد تي دهشتگردن جي فوجي چيڪ پوسٽ تي فائرنگ ۾ فرنٽيئر ڪارپس (ايف سي) جو سپاهي شهيد ٿي ويو.

آءِ ايس پي آر موجب افغانستان مان دهشتگردن طرفان مهمند ضلعي ۾ انٽرنيشنل بارڊر تي قائم پاڪستاني فوجي چيڪ پوسٽ تي فائرنگ ڪئي وئي.

آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته پاڪ فوج جي جوانن طرفان دهشتگردن جي فائرنگ جو ڀرپور جواب ڏنو ويو، جڏهن ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ايف سي جو سپاهي محمد فضل واحد شهيد ٿي ويو.

پاڪ فوج جي ترجمان موجب 25 ورهين جو شهيد سپاهي شانگلا سوات جو رهواسي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.