بلدياتي چونڊون ويجهو ايندي ئي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سياسي سرگرميون شروع ٿي ويون ، ڏهرڪي جي سياسي شخصيت ڄام مهتاب خان ڏهر جو سوٽ ڄام وسيم خان ڏهر پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي ويو، ان موقعي تي سندس بنگلي تي هڪ تقريب ڪوٺائي ويئي جتي وسيم خان ڏهر، ايم اين اي خالد خان لنڊ ۽ ضلعي صدر جي موجودگي ۾ پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو