ميهڙ: عوامي تحريڪ پاران پنجين ڏينهن به وڌندڙ بدامني خلاف احتجاج جاري

عوامي تحريڪ تعلقي ميهڙ طرفان پنجين ڏينهن به شهر ۾ وڌندڙ بدامني خلاف ايڊووڪيٽ امتياز جتوئي، تعلقي صدر ايڊووڪيٽ مشتاق چانڊيو، ايڊووڪيٽ نجيب مهيسر، ايڊوڪيٽ ذوالفقار چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاج جاري رکيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ميهڙ شهر مان روزانو جي بنياد تي ٿيندڙ چورين ڦرن ڌاڙن ۽ موٽر سائيڪلن جي چورين ۾ ملوث ڏوهارين کي گرفتار ڪري شهر جو امن امان بحال ڪرايو وڃي،هنن چيف جسٽس آف سنڌ، آء جي سنڌ ۽ ڊي آء جي حيدرآباد کان مطالبو ڪيو ته  ميهڙ شهر جي بدامني ۽ انتظاميا جي خاموشي جو کين نوٽيس وٺڻ گهرجي، عوامي تحريڪ طرفان سڀاڻي ڇهين ڏينهن راڌڻ اسٽاپ کان گهنٽاگهر چوڪ تائين احتجاجي مظاهرو ڪرڻ جو به اعلان ڪيو ويو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.