اسلام آباد ۾ گاڏين ۾ هاءِ بيم لائٽس جي استعمال تي پابندي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ گاڏين ۾ هاءِ بيم لائٽس جي استعمال تي قلم 144 تحت پابندي لڳائي وئي آهي.

ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ راڻا محمد وقاص قلم 144 جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.

پڌرائيءَ موجب اسلام آباد ۾ هاءِ بيم لائٽس جي خريد ۽ وڪري تي به پابندي هنئي وئي آهي، گاڏين ۾ هاءِ بيم لائٽس جي استعمال تي قلم 144 بنا دير لاڳو ٿيندو.

واضح رهي ته هاءِ بيم لائٽس سبب سامهون ايندڙ گاڏي جي ڊرائيور کي ڏسڻ ڏکيائين ٿيندي آهي، جنهن سبب حادثن جو خطرو هوندو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.