ڀريا سٽي ڀرسان ڳوٺ تي پوليس چڙهائي ۽ 2 نوجوانن کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف احتجاج

ڀرياروڊ  ۾ ڳوٺ علي نواز ڪيريو  ڀرسان خاصخيلي برادري جي ڳوٺ تي نواب شاهه پوليس جي اٽالن پاران چڙهائي ڪري چوپائي مال سميت مبينا طور ٻن نوجوانن کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف وارثن پاران احتجاج ڪيو ويو،  ڳوٺاڻن ٽامو خاصخيلي،  ممتاز خاصخيلي، مسمات صحبت ۽ ٻين  احتجاج ڪندي ٻڌايو ته نواب شاهه پوليس اٽالا ساڻ  ڪري انهن جي گهر ۾ داخل ٿي چادر ۽ چوديواري جو تقدس پئمال ڪندي عورتن سميت معصوم ٻارڙن تي سخت تشدد کانپوءِ ٻن نوجوانن اياز خاصخيلي ۽ رياض حسين کي کنڀي کڻي وئي آهي،

هنن ٻڌايو ته ڪجهه ڏينهن اڳ به پوليس انهن جا 23 ڍور  ڪاهي وئي هئي ، هنن چيو ته هوڳ غريب مسڪين آهن هارپو ڪري پيٽ گذر ڪندا آهن،  خبر ناهي پوليس ڪنهن جي ونگار وهي رهي آهي ، هنن آء جي سنڌ ۔ڊي آء جي شهيد بينظير آباد ۽ وس وارن کي اپيل ڪئي ته خدارا انهن کي پوليس جي ظلمن کان بچايو  وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.