آبادي جي ڀلائي واري کاتي جي سوين ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ مظاهرو

آبادي جي ڀلائي واري کاتي جي سوين ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاء ڊسٽرڪٽ پاپوليشن آفيس کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، ان موقعي تي اڳواڻن ذاڪر مراد ابڙو، محمد ابراھيم خاصخيلي، غلام مرتضي ڦل منظور کوسو نسيم راڄپر ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته 1965ع کان آبادي جي ڀلائي وارو کاتو الڳ کاتي طور ڪم ڪري رھيوآھي،  هن کاتي جي ملازمن جي جدوجھد جي ڪري کاتي جي ڪارڪردگي به صحت کاتي کان ڪافي بھتر آھي، پر ڪجه شرپسند عناصر پنھجي ذاتي مفادن خاطر صحت جي صوبائي وزير کي مس گائيڊ ڪري آبادي جي ڀلائي واري کاتي کي صحت کاتي ۾ ضم ڪرائڻ چاھين ٿا ، هنن مطالبو ڪيو ته هن  کاتي جا فلاحي مرڪز سينٽر صحت کاتي ۾ شفٽ ڪرڻ وارو فيصلو فوري طور واپس ورتو وڃي ۽ آبادي جي ڀلائي واري کاتي جي ملازمن کي رسڪ الاؤنس ڏنو وڃي ۽ ٽائيم اسڪيل اپگريڊيشن پروموشن سميت ٻيا جائز مطالبا پورا ڪيا وڃن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.