حيدرآباد: اوٻاوڙي واقعي ۽ اڳواڻن جي گرفتاري خلاف سنڌ سڀا پاران بک هڙتال جاري

اوٻاوڙي واري واقعي  ۽ سنڌ سڀا پارٽي جي سرواڻ انعام عباسي سميت ٻين اڳواڻن جي گرفتاري ۽ گمشده ماڻهن جي بازيابي لاءِ حيدرآباد پريس ڪلب سامهون ٽئين ڏينهن به  بک هڙتالي ڪيمپ جاري رکي وئي. بک هڙتالي ڪيمپ جي اڳواڻي ڪندڙ حسين ڏاهري جي طبعيت تما گهڻي خراب ٿي وئي جنهن کي سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو. جڏهن ته  بک هڙتال جي اڳواڻي نظير کوکر، عاقب چانڊيو جي امڙ مختيار بيگم، سنڌو امان چانڊيو، شازيه چانڊيو، ۽ ٻين ڪئي. بک هڙتال تي سنڌ سجاڳي فورم جو اڳواڻ محب آزاد لغاري، امجد رند ، ايڊوڪيٽ اندرجيت لوهاڻو، يڪجهتي طور پهتا. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته رات جي اونداهي ۾ سنڌ سڀا جي پر امن قافلي مٿان اوٻاوڙو پوليس تشدد ڪري ڪيترن ئي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي جيڪو وڏو ظلم آهي،

هنن چيف جسٽس آف پاڪستان، چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ کان مطالبو ڪيو ته سمورن کنڀي گم ڪيلن کي  فوري طور آزاد ڪيو وڃي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.