مچ سانحي ۾ شهيد ٿيلن جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا

مچ   سانحي ۾ شهيد ٿي ويل هزارا برداري جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ  سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا ، قمبر ۾ انجمن حسيني طرفان مرڪزي حسيني امام بارگاهه کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جيڪا شهر جي مختلف روڊن کان ٿيندي پريس ڪلب پهتي جتي ڌرڻو هنيو ويو،  ان موقعي اڳواڻن سيد ذوالفقار علي شاھ نياز کوکر غلام عباس سومرو بيدار ڏيرو اسد مهدوي ۽ ٻين خطاب ڪيو ، ڀرياسٽي ۾ قومي شاھراھ  باءِ  پاس تي  اھل تشيع اڳواڻ مولانا خادم حسين مشوري جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ڌرڻو ھنيو ويو، وارهه  ۾ فقه جعفريه طرفان اياز کهاوڙ ، نياز حيدري ، عباس چنو ، سڪندر عباسي ۽ ٻين جي اڳواڻي احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪيو ويو ، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته اهل تشيع جماعت جي ماڻھن کي ٽارگيٽ ڪري قتل ڪيو ويو آھي جيڪا ناانصافي آھي،  هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ملوث جوابدار گرفتار ڪري کين عبرت ناڪ سزا ڏني وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.