ڪم ڪارڊيشين جو ڪانيي ويسٽ کان طلاق وٺڻ جو فيصلو

 

لاس اينجلس (ويب ڊيسڪ) هالي ووڊ اسٽار ڪم ڪارڊيشين ۽ ريپر ڪانيي ويسٽ عليحدگي جو فيصلو ڪري ورتو.

رپورٽن موجب ٻنهي وچ ۾ هاڻ لاڳاپا بهتر ناهن رهيا ۽ ٻئي گهڻي وقت کان ڌار ڌار رهي رهيا آهن، جنهن کانپوءِ هاڻ ٻنهي ۾ باقاعدي طور عليحدگي ٿيڻ واري آهي.

رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪم ڪارڊيشين ڊگهي عرصي کان پنهنجي 4 ٻارن سان گڏ لاس اينجلس ۾ رهندڙ آهي، جڏهن ته ڪانيي ويسٽ وومنگ ۾ پنهنجي فارم هائوس ۾ رهي ٿو.

هالي ووڊ جي اسٽار جوڙي کي تازو شادي جي منڊي بنا ڏٺو ويو هو، جڏهن ته ڪم ڪارڊيشين طلاق لاءِ عدالت سان پڻ رابطو ڪري ورتو آهي.

ڪم ڪيس فائل ڪرڻ لاءِ وڪيل جون خدمتون حاصل ڪري ورتيون آهن ۽ ڪانيي ويسٽ کي به ان حوالي سان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.

واضح رهي ته ڪم ڪارڊيشين ۽ ڪانيي ويسٽ 2014 ۾ شادي ڪئي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.