مولانا فضل الرحمان عمران خان جي وفادارن کي غدار قرار ڏئي ڇڏيو

بنون(ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه ۽ حڪومت مخالف اتحاد پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومنٽ (پي ڊي ايم) جي صدر مولانا فضل الرحمان چيو ته پي ڊي ايم قوم کي آزادي ۽ جمهوريت جو رستو ڏيکاريو ۽ جيڪو عمران خان جو وفادار آهي، آئون ان کي غدار چوان ٿو.

خيبرپختونخواهه جي ضلعي بنون ۾ پي ڊي ايم جي جلسي کي خطاب دوران هن چيو ته بنون جي ماڻهن اڄ حڪومت خلاف بغاوت جو اعلان ڪري ڇڏيو.

هن ڪنهن جو نالو کڻڻ کان سواءِ چيو ته مون کي نيب جي آڏو سرينڊر ڪرڻ جو مشورو ڏنو پر مون چيو ته اُهو جنرل نيازي هو جيڪو سرينڊر ٿي ويو.

مولانا فضل الرحمان وڌيڪ چيو ته تاريخ شاهد آهي ته منهنجي ابن ڏاڏن ڪنهن جي آڏو ڪنڌ نه جهڪايو.

پي ڊي ايم جي صدر چيو ته اسان جي جدوجهد ملڪ ۾ جمهوريت ۽ قانون جي عملداري لاءِ آهي.

سندس چوڻ هو ته اڄ معيشت کي جنهن بحران کي منهن ڏيڻو پيو پوي ان جو مثال تاريخ ۾ نٿو ملي ۽ اڄ چوان ٿو ته جيڪو عمران خان جو وفادار آهي، ان کي آئون غدار چوان ٿو.

هزاره برادري جي قتل جي مذمت:

مولانا فضل الرحمان چيو ته بلوچستان جي علائقي مچ ۾ هزاره برادري سان تعلق رکندڙ مزودرن جو قتل عام ڪيو ويو ۽ آئون واقعي جي شديد مذمت ڪيان ٿو.

سندس چوڻ هو ته هزاره برادري جي مظلومن سان گڏ بيٺا آهيون ۽ انهن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون.

هن چيو ته دهشتگرد آزاد آهن ۽ جڏهن چاهن ڪنهن کي قتل ڪري ڇڏين جڏهن ته ڌاڙن جي سڀ کان وڌيڪ شرح اسلام آباد ۾ آهي.

سندس چوڻ هو ته دهشتگردي جي خلاف فوج سان گڏ عوام به قربانيون ڏنيون آهن.

جي يو آءِ جي سربراهه وزير اعظم عمران خان جي بيان جي حوالي سان چيو ته چون ٿا ته اسان وٽ ٽائيم ناهي، مون کي حڪومت ناهي ايندي پر اصل ڳالهه اِها آهي ته ڪم ڪندڙ ماڻهو آهن پر توهان ڪنهن کان ڪم وٺڻ نٿو اچي.

هن چيو ته پي ڊي ايم حڪومت جو جنازو ڪڍڻ لاءِ هڪ جاءِ گڏ آهي.

21 جنوري کان ڪراچي ۾ ملين مارچ ٿيندو:

 مولانا فضل الرحمان چيو ته 21 جنوري کان ڪراچي ۾ اسرائيل نامنظور ملين مارچ ڪنداسين.

سندس چوڻ هو ته پاڪستان هڪ آزاد رياست آهي ۽ هاڻ ڪنهن طاقتور ملڪ کي ڪالوني نٿا بڻائي سگهون.

هن چيو ته اسان جي ابن ڏاڏن جو نصب العين رهيو آهي ته اسان هڪ آزاد ۽ خودمختار ملڪ چاهيون ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.