ٽنڊوالهيار چمبڙ مين روڊ نيو شادي ھال وٽ موٽرسائيڪل ۽چنگچي رڪشا ۾ زوردار ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي م ڳوٺ عابد بچاڻي واسي ڏاجي ولد مانو ڪولھي ۽ ڪراچي ھوٽل واسي ليلا رام باگڙي سخت زخمي ٿي پيا ٻنھي زخمين کي رورل ھيلٿ سينٽر چمبڙ آندو ويو ، جتي ابتدائي طبي امداد کانپوءِ ٻنھي زخمين کي سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو ، حادثي جو ڪو به ڪيس داخل نه ٿيو .