گھوٽڪي پوليس پاران سال 2020 جي ڪارڪردگي رپورٽ پڌري ڪندي دعواي ڪئي وئي آھي ته
سال 2020 دوران ڏوهاري ، جوابدارن جي 45 وڏن گروهن کي ختم ڪيو ويو، 162 پوليس مقابلا ڪيا ويا،
جن ۾ ٻن ڏوهارين جي مارجي وڃڻ ۽ 25 ڏوھارين کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعوا ڪئي وئي آهي ، پوليس موجب 106 ٻيا جوابدارگرفتار ڪيا ويا جيڪي ٻين ڏوهن ۾ ملوث ھئا، ايس ايس پي گھوٽڪي جي پي آر او افتخار آرائين ٻڌايو ته 14 ماڻھن کي عورتاڻي آواز تي اغوا ٿيڻ کان بچايو ويو, 11 ماڻھن کي اغوا ٿيڻ بعد بازياب ڪرايو ويو هن ٻڌايو ته 09 عورتن کي ڪارو ڪاري تحت قتل ٿيڻ کان بچايو ويو، گھوٽڪي پوليس منشيات وڪرو ڪندڙن جي خلاف ڪاروايون ڪري منشيات فروشن کي گرفتار ڪيو ۽ انھن جي خلاف مجموعي طور 226 ڪيس داخل ڪيا ويا جڏهن ته ڪيترائي هٿيار به هٿ ڪيا ويا ،