ڀان سيدآباد جو رهواسي معذور نوجوان علي حسن ملاح معذور ڪوٽا تي نوڪري نه ملڻ ڪري غربت سبب ڏکي زندگي گهارڻ تي مجبور ٿي ويو ، گهر جي ڇت نه هجڻ ڪري سخت سياري ۾ به ٻارڙن سميت کلي آسمان هيٺ گذارڻ تي مجبور آهي، شورا محلي واسي 30 ورهين جي معذور حافظ علي حسن ملاح عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته هو غريب آهي ، معذور ڪوٽا تي نوڪري لاءِ به درخواستون ڏئي ٿڪجي پيو آهي پر ڪير به سندس مدد لاءِ تيار ناهي
هن مطالبو ڪيو ته کيس معذور ڪوٽا تي نوڪري ڏئي سرڪاري خرچ تي گهر ٺهرائي ڏنو وڃي