لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانوي وزيراعظم بورس جانسن هلندڙ مهيني لاءِ تجويز ڪيل پنهنجو ڀارتي دورو ملتوي ڪري ڇڏيو.
بورس جانسن کي ان دوري دوران ڀارتي يوم جمهوريه جي مک تقريب ۾ به حصو وٺڻو هو.
لنڊن ۾ بورس جانسن جي سرڪاري رهائشگاهه طرفان ڪيل هڪ اعلان موجب وزيراعظم پنهنجو اهو دورو برطانيا ۾ ڪورونا وائرس جي وبا جي نتيجي ۾ تيزي سان خراب ٿيندڙ صورتحال کي ڏسندي ڪيو آهي.
واضح رهي ته برطانوي حڪومت ڪورونا وائرس سبب ملڪ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر سخت لاڪ ڊائون هڻي ڇڏيو آهي.