هڪ سال ۾ ريلوي خسارو 11 ارب رپيا وڌي ويو

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ريلوي جو خسارو 35 ارب رپين مان وڌي 46 ارب رپين تائين پهچي ويو.

ريلوي کاتي جي سالياني رپورٽ موجب سال 2020 دوران ريلوي جي خساري ۾ تقريبن 11 ارب رپين جي واڌ ٿي.

رپورٽ موجب ريلوي ملازمن جو مجموعي انگ 67 هزار 627 آهي پر گذريل مالي سال دوران انهن ملازمن جي پگهارن جي مد ۾ 28 ارب 21 ڪروڙ 44 لک 77 هزار رپيا، جڏهن ته رٽائرڊ ملازمن کي پينشن جي مد ۾ 31 ارب 41 ڪروڙ 88 لک 93 هزار رپيا خرچ ٿيا.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مسافر ڪوچون هڪ هزار 460 مان گهٽجي هڪ هزار 378، جڏهن ته مال گاڏين جا دٻا 16 هزار 159 مان گهٽجي 14 هزار 327 رهجي ويا آهن.

رپورٽ موجب نه رڳو ريلوي اسٽيشنن جي انگ ۾ واڌ ڪئي وئي پر مسافرن جو انگ به وڌي ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.