ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون مهانگو ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي.
سنڌ سونارا بازار ايسوسيئيشن موجب سون جي في تولي قيمت ۾ وڌيڪ 6 سئو رپيا واڌ ٿي آهي، جنهن کانپوءِ في تولي سون جي قيمت هڪ لک 16 هزار 6 سئو رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 515 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 99 هزار 966 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون 7 ڊالر واڌ سان 1955 ڊالر في اونس آهي.