مڙس پٽ نه ڄمڻ تي زال ۽ ننڍڙي ڌيءَ کي قتل ڪري ڇڏيو

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) نصير آباد ٿاڻي جي علائقي ۾ مڙس پٽ نه ڄمڻ تي زال ۽ ننڍي ڌيءَ کي تشدد ڪري قتل ڪري ڇڏيو.

راولپنڊي ۾ نصير آباد ٿاڻي جي علائقي ۾ مڙس پٽ نه ڄمڻ تي زال ۽ ننڍڙي ڌيءَ کي تشدد ڪري قتل ڪري ڇڏيو. پوليس جو چوڻ آهي ته گهر مان 32 سالن جي حنا اشفاق ۽ ڏيڍ سالن جي عنائيه جا تشدد ٿيل لاش هٿ ٿيا جنهن کان پوءِ گهر جي سربراهه کي تحويل ۾ ورتو ويو آهي.

مقتولا جي پيءُ ۽ معصوم ٻارڙي جي ناني محمد اشفاق جي بيان تي قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. بيان موجب ڌيءَ حنا اشفاق جي شادي 4 سال اڳ مجاهد نالي شخص سان ٿي ۽ هن جي ڏيڍ سالن جي ڏوهٽي عنائيه هئي. آچر جي ڏينهن ڌيءَ سان رابطو نه پئي ٿيو ڳڻتي ٿيڻ تي پٽ جي گهر ويس ته ڏٺم ناٺي پاڙيوارن سان گڏ ٻاهر بيٺو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.