قاضي جميل الرحمان نئون آءِ جي اسلام آباد پوليس مقرر

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت عامر ذوالفقار جي جاءِ تي قاضي جميل الرحمان کي نئون آءِ جي اسلام آباد پوليس مقرر ڪري ڇڏيو آهي.

وفاقي حڪومت آءِ جي اسلام آباد پوليس عامر فاروق کي تبديل ڪري قاضي جميل الرحمان کي نئون آءِ جي مقرر ڪري ڇڏيو آهي، ان ڏس ۾ اسٽيبلشمنٽ ڊويزن طرفان باضابطا نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.

قاضي جميل الرحمان ان کان اڳ خيبرپختونخواهه ۾ خدمتون انجام ڏئي رهيو هو، مبينا طور تي آءِ جي اسلام آباد پوليس کي شهر ۾ وڌندڙ ڏوهه رووڪڻ ۾ ناڪامي جي ڪري عهدي تان هٽايو ويو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.