ڀارت ۾ 50 ورهين جي عورت اجتماعي لڄالٽ کانپوءِ قتل

 

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ 50 ورهين جي عورت کي اجتماعي لڄالٽ کانپوءِ قتل ڪيو ويو آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب اتر پرديش رياست ۾ 50 ورهين جي عورت سان ٽن ڄڻن اجتماعي لڄالٽ ڪئي ۽ پوءِ کيس قتل ڪري ڇڏيو، پوليس ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري واقعي جو ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.

ميڊيا جو چوڻ آهي ته عورت جو مڙهه ڳوٺ مان هٿ آيو، جنهن تي هڪ ڪوٽ رکيو ويو هو، عورت کي مُئل حالت ۾ ان ئي هنڌ ڇڏيو ويو هو.

مقتول عورت جي پٽ جو چوڻ هو ته ماءُ روز عبادت لاءِ ويندي هئي ۽ آچر ڏينهن به شام 5 وڳي گهران نڪتي، جنهن کانپوءِ تقريبن رات يارهين وڳي کيس قتل ڪري ڦٽو ڪيو ويو.

ڀارتي ميڊيا موجب عورت جي پوسٽ مارٽم ۾ جسم جي اندرين حصن تي تشدد جي تصديق ٿي آهي ۽ عورت جي هڪ ڄنگهه ۾ فريڪچر به ڏٺو ويو آهي.

ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته عورت جي جسم مان مسلسل رت وهي رهيو هو ۽ سندس موت وڌيڪ رت وهڻ سبب ٿيو، جڏهن ته عورت سان زيادتي جي به تصديق ٿي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.