پرتگال سان واسطو رکندڙ جڳ مشهور فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو فٽبال جي دنيا ۾ ته ڪيترائي رڪارڊ ماڻي چڪو آهي پر هو انسٽاگرام تي سڀ کان وڌيڪ فالوئر رکندڙ شخصيت به بڻجي ويو آهي.
ڪرسٽيانو رونالڊو جا انسٽاگرام تي سڄي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ فالوئر آهن، جن جو انگ 251 ملين کان وڌيڪ آهي.
ان ڏس ۾ ڪرسٽيانو رونالڊو پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي هڪ پوسٽ شيئر ڪئي، جنهن ۾ هن چيو ته ”ڇا حيران ڪندڙ نمبر آهي، توهان سڀني جي مهرباني، توهان منهنجي ان سفر جو حصو آهيو“.
View this post on Instagram
هوڏانهن آمريڪي رسالي فوربز موجب ڪرسٽيانو رونالڊو انسٽاگرام تي هڪ اسپانسر پوسٽ شيئر ڪرڻ جو 10 لک آمريڪي ڊالر معاوضو وٺندو آهي.