پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور جي علائقي زنگلي ۾ دستي بم ڦاٽڻ سان 3 ٻار فوت ٿي ويا.
ايس پي صدر سرڪل وقار احمد موجب فوت ٿيل ٽئي ٻار ڀائر آهن، سندن پيءُ دبئي ۾ ڊرائيور آهي.
هن ٻڌايو ته ٻارن کي ٻنيءَ ۾ کيڏندي دستي بم لڌو هو، جنهن کي اهي گهر آڻي کيڏڻ لڳا ۽ کيڏڻ وقت دستي بم ڦاٽي پيو.
ريسڪيو اختيارين موجب ڌماڪي ۾ 2 ٻار زخمي به ٿيا آهن، جن کي ليڊي ريڊنگ اسپتال داخل ڪيو ويو آهي.