وفاقي حڪومت پاران اسٽيل ملز جي ملازمن کي برطرف ڪرڻ خلاف مظاهرو

وفاقي حڪومت پاران اسٽيل ملز جي ملازمن کي برطرف ڪرڻ خلاف خيرپور جي مزدورن ۽ شھرين پاران گڏيل  احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، پاڪستان ٽريڊ يونين ڊفينس ڪيمپئن جي سڏ تي شهر جي محنت ڪندڙ مزدورن ، وڪيلن ۽ شهرين پاران  هٿن ۾ بينر کڻي اسٽيل ملز جي نجڪاري خلاف نعري بازي ڪئي ، ان موقعي تي ڳالهائيندي اڳواڻن جو چوڻ  هو ته اسٽيل ملز جي برطرف پورهيتن جا گهر ڀاتي بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن، حڪومت پورهيت دشمن پاليسي تي هلي رهي آهي، هنن چيو ته اسٽيل ملز  جي نجڪاري ڪنھن به صورت قبول نه ڪئي ويندي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.