ميرپورخاص ڀرسان ڪار ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر، 2 ڄڻا سخت زخمي

ميرپورخاص کان عمرڪوٽ ويندڙ روڊ تي حادثا معمول بڻجي ويا، ميرپورخاص تعلقي ٿاڻي جي حد 78 موري ويجھو مين عمرڪوٽ روڊ تي درگاھ علي محمد انڙ اڳيان ڪلٽس ڪار جي موٽر سائيڪل کي زوردار ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار 78 موري جو رھائشي فيروز انڙ ۽ محمد علي انڙ سخت زخمي ٿي پيا جن کي ڳڻتي جوڳي  حالت ۾  سول اسپتال ميرپورخاص کان حيدرآباد آندو  ويو، ڪار سوار ميرپورخاص جا رھواسي ٻڌايا پيا وڃن  جيڪي ميرپورخاص کان شادي پلي وڃي رھيا ھئا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.