مسلم ليگ ن جي مچ سانحي تي وزير اعظم جي ٽوئيٽ کي سنگ دلي قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب وزير اعظم عمران خان جي ٽوئيٽ کي سنگ دلي ۽ بي حسي جي انتها قرار ڏئي ڇڏيو.

مريم اونگزيب وزير اعظم طرفان مچ واقعي بابت سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ڪيل ٽوئيٽ جي رد عمل ۾ چيو آهي ته عمران خان ٽوئيٽ نه جاري ڪري، مقتولن جي وارثن وٽ بلوچستان وڃي، چار ڏينهن ٿي ويا آهن مظلوم روڊن تي ميتون رکيو ويٺا آهن پر عمران خان اُتي وڃڻ لاءِ ئي تيار ناهي.

هن چيو ته اِهو رويو عمران خان صاحب جي بي حسي، سنگ دلي جو مظهر آهي. ٽوئيٽ سان قومي حڪمت عملي تيار ٿيند ۽ ان سنگ دلي ۽ بي حسي جو مظاهرو ڪيو پيو وڃي ته مستقبل ۾ به اهڙا سانحا روڪڻ ممڪن نه هوندو.

ن ليگ جي ترجمان چيو ته وزير موڪلي پڇيو پيو وڃي ته وزير اعظم جي اچڻ جو ڪهڙو فائدو؟ ڪا شرم ڪيو. ڇا هي مقتول به اين آر او گهري رهيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.