نيوزيلينڊ ٻي ٽيسٽ ۾ پاڪستان کي عبرتناڪ شڪست ڏئي سيريز ۾ ڪلين سوئپ ڪري ورتو

 

ڪرائسٽ چرچ (ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ پاڪستان کي اننگز ۽ 176 رنسن سان عبرتناڪ شڪست ڏئي سيريز ۾ ڪلين سوئپ ڪري ڇڏيو.

ڪرائسٽ چرچ ٽيسٽ جي پهرين اننگز ۾ 362 رنسن جي خساري کي منهن ڏيندڙ پاڪستاني ٽيم ٻي اننگز ۾ 186 رنسن تي ڍير ٿي وئي.

پاڪستان طرفان ٻي اننگز ۾ اظهر علي ۽ ظفر گوهر 37-37 رنسن سان ٽاپ اسڪورر رهيا، جڏهن ته فهيم اشرف 28، عابد علي 26، فواد عالم 16، حارث سهيل 15 ۽ محمد رضوان 10 رنسون ٺاهيون.

نيوزيلينڊ طرفان ڪائل جيميسن 6 ۽ ٽرينٽ بولٽ 3 شڪار ڪيا، جڏهن ته هڪ وڪيٽ ڪين وليمسن جي حصي ۾ آئي.

واضح رهي ته پاڪستان پهرين اننگز ۾ 297 رنسون ٺاهيون هيون، جڏهن ته نيوزيلينڊ جي ٽيم پهرين اننگز 6 وڪيٽن جي نقصان تي 659 رنسون ٺاهي ڊڪليئر ڪندي پاڪستان خلاف 362 رنسن جي سرسي حاصل ڪئي هئي.

شاندار ڊبل سينچري اسڪور ڪرڻ تي نيوزيلينڊ جي ڪپتان ڪين وليمسن کي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو، جڏهن ته ڪائل جيميسن سيريز جي بهترين رانديگر جو اعزاز ماڻيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.