ڪنڌرا : پوليس جي زيادتين ۽ نوجوان جي گرفتار ي خلاف متاثرن پاران مظاهرو

ڪنڌرا  ۾پوليس  پاران گھر تي چڙھائي دوران عورتن ۽ ٻارڙن تي مبينا  تشدد دوران عورت جو حمل ضايع ٿيڻ ۽  نوجوان کي گرفتار ڪرڻ خلاف متاثرن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ڳوٺ ٽنڊو علي آباد جي رھواسي عورتن مردن ۽ ٻارڙن خان محمد ابڙو.راسطي خاتون.حمزہ خان.پروين ابڙو ۽ ٻين سکر پريس ڪلب پھچي صحافين آڏو احتجاج ڪندي دانهيو ته اٺ ڏينھن اڳ ڪنڌرا پوليس رحمت الله لوھر جي چوري ٿيل موٽر سائيڪل جو جواز ڄاڻائي انهن جي گھر تي چڙھائي ڪئي جنھن دوران عورتن ۽ ٻارڙن کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو جنھن ۾ مسمات پروين زال علي حيدر جو اٺن مھينن جو حمل ضايع ٿي ويو،  ھنن ٻڌايو ته پوليس چڙهائي دوران نوجوان علي حيدر کي بلا جواز گرفتار ڪري کڻي وئي  آهي.ھنن الزام هنيو  ته صوبيدار نوجوان جي آزادي لاءِ ھڪ لک روپيا رشوت گهري رهيو آهي،هنن چيو ته هو غريب آهن وٽن پئسن ڏيڻ جي سگھ ناهي کين خدشو آهي ته پوليس انهن جي نوجوان کي ڪوڙي ڪيس ۾ نه ڦاسائي ڇڏي،  ھنن اعلي اختيارين کي اپيل ڪئي ته معامري جو نوٽيس وٺي کين انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.