پي ايس 52 عمرڪوٽ تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ، پ پ اميدوار امير علي شاهه پاران ريلي

پي ايس 52 عمرڪوٽ تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ جي سلسلي ۾ پ پ اميدوار سيد امير علي شاھ  پاران پھريون پاور شو ڪندي ريلي ڪڍي وئي جنھن ۾ وڏي تعداد ۾ ڪارون ، جيپون ۽ گاڏيون شامل ھيون،  ريلي ڳوٺ کاروڙو سيد کان ٿيندي مختلف اسٽاپن تي بيھندي عمرڪوٽ پھتي جتان ٿر جي چونڊ تڪ  مھيندري جو پار ۽ ٻين ڳوٺن ڏانھن روانو ٿي وئي، عمرڪوٽ پريس ڪلب لڳ ريلي کي خطاب ڪندي پ پ اميدوار سيد امير علي شاھ چيو ته 18 جنوري عوام ۽ پ پ جي فتح جو ڏينھن ھوندو ، مخالفن کي شڪت نصيب ٿيندي ملڪ جو غريب عوام اڄ به پ پ سان گڏ آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.