ٽنڊو غلام حيدر:احساس ڪفالت پروگرام ۾ ويساهه گهاتي خلاف پورهيت عورتن جون دانهون

ٽنڊوغلام حيدر ڀرسان ڳوٺ غازي خان لغاري جي مسڪين پورهيت عورتن کي ملندڙ احساس ڪفالت پروگرام جي قسط حيدرآباد جي فتح چوڪ وٽ قائم ايڇ بي ايل اي ٽي ايم تي موجود ايجنٽن پاران هڙپ ڪرڻ خلاف متاثر عورتن پاران دانهون ڪيون  ويون، مسڪين عورتن نيلان ڪولهي سندس مڙس رامچند،ڪرمڻ ڪولهي ۽ سندس زال نيلا صحافين اڳيان دانهندي چيو ته 20 ڏينهن اڳ حيدرآباد سائيٽ ايريا جي حد ۾ ايڇ بي ايل بئنڪ تان احساس ڪفالت جا پئسا ڪڍرائڻ لاء وياسين جتي بئنڪ انتظاميا جي ايجنٽ انهن کان ڪارڊ جا فنگر وٺي ٻن ڪارڊن جا پئسا 24 هزار غائيب ڪري ڇڏيا ،هنن چيو ته هو  مسڪين آهن ڪير ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي،  هنن اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي غريبن سان انصاف ڪري ملوث بليڪ ميلرن کي گرفتار ڪيووڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.