ڌاٻيجي: پمپ هائوس جي پورهيتن پاران اي سي ساڪرو جي زيادتين خلاف مظاهرو،ڌرڻو

ڌاٻيجي ۾ پمپ هائوس جي پورهيتن پاران  اي سي ساڪرو جي زيادتين خلاف مک گيٽ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو ،  مقامي پورهيتن پيپلز ليبر يونين جي اڳواڻ معشوق لغاري ،رستم ڪاتيار ،منظور راجا جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندي چيو ته گذريل ڏينهن اي سي ساڪرو ۽ اينڪروچمنٽ پوليس بااثرن جي چوڻ تي من پسند ماڻھن جي گهرن تي چڙهائي ڪري مقامي آفيسرن جي گهرن تي حملو ڪيو ۽ انهن  کي هسيايو ويو جيڪو مذمت جوڳو عمل آھي،  هنن وڌيڪ ٻڌايو ته گذريل 25ورهين کان سون جي تعداد ۾  بااثر ٻاهريان ماڻھو واٽربورڊ جي سرڪاري ڪوارٽرن تي قابض ٿيا ويٺا  آهن جن کي بجلي پاڻي سميت سڀ بنيادي سهولتون ڏنيون ويون آھن جيڪا سراسر ناانصافي آھي،

هنن چيو ته  جيڪڏھن اي سي ساڪرو بااثرن جا گهر خالي نه ڪرايا ته واٽر بورڊ جي مک گيٽ اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.