بوزدار وڏا: نالين جو گندو پاڻي قبرستان ۾ ڇوڙ ،ڪيتريون ئي قبرون مسمار ٿيڻ لڳيون

پبلڪ هيلٿ ۽ ٽائون ڪاميٽي بوزداروڏا جي نااهلي سبب  شھر جي نالين جو گندو پاڻي مقامي انڌڙي قبرستان ۾ ڇوڙ ڪيو پيو وڃي جنهن سبب قبرستان جون ڪيتريون ئي  قبرون مسمار ٿيڻ لڳيون، شهرين پاران ڪيترائي ڀيرا نااهل انتظاميا خلاف احتجاج ڪرڻ باوجود ڪنهن به نوٽيس نه ورتو ، بوزداروڏا  جي سول سوسائٽي ۽ سماجي اڳواڻن ۽  سول سوسائٽي جي نمائندي شاهد جعفري،  جاني اڄڻ ،مريد ميراسي ۽ ٻين چيو ته 15 سال اڳ 3 ڪروڙ 75 لک روپين جي اسڪيم جاري ڪئي وئي هئي جيڪا هن وقت تائين مڪمل نه ٿي سگهي آهي ، هنن اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته ڪرپٽ نااهل انتظاميا خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ته جيئن گٽرن جو گندو پاڻي قبرستان يا شهر جي چوڪن چوراهن تي ڇوڙ نه ڪيو وڃي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.