ڪراچي ۾ ڦر دوران مزاحمت تي حسن علي آفندي جو پوٽو قتل

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ مدرسته الاسلام جي باني حسن علي آفندي جي پوٽي زين علي آفندي کي ڪراچي ۾ ڦر دوران مزاحمت تي قتل ڪيو ويو آهي.

پوليس موجب واقعو گذريل رات پيپلز چورنگي ڀرسان گهر ۾ پيش آيو، جتي اڻڄاتل جوابدار ڦر جي نيت سان گهر ۾ داخل ٿيا ۽ مزاحمت تي زين علي آفندي کي قتل ڪري ڇڏيو.

پوليس ٻڌايو ته جوابدار ويندي ويندي گهر مان قيمتي سامان به کڻي ويا، واقعي ۾ ملوث جوابدارن جو وائيٽ ڪرولا گينگ سان واسطو آهي، جڏهن ته مارجي ويل زين علي آفندي سنڌ مدرسته الاسلام جي باني حسن علي آفندي جو پوٽو آهي.

هوڏانهن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه واقعي جو نوٽيس وٺندي ايڊيشنل آءِ جي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.