مچ سانحي خلاف ڪراچي ۾ مختلف هنڌن تي ڌرڻا، ٽريفڪ معطل

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مچ ۾ مزدورن جي بي رحماڻي قتل خلاف ڪراچي ۾ مختلف هنڌن تي ڌرڻا هنيا ويا آهن.

ٽريفڪ پوليس موجب ڪراچي جي 6 هنڌن تي ڌرڻو جاري آهي، جنهن ۾ شاهراهه فيصل تي ڪالوني گيٽ ۽ ملير 15 ڀرسان ڌرڻو جاري آهي، جنهن سبب ڊرگ روڊ کان ملير تائين ٽريفڪ معطل آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته ماڊل ڪالوني کان قائدآباد ويندڙ ٽريفڪ کي ڪالا بورڊ ڏانهن موڙيو ويو آهي ۽ قائدآباد کان ايندڙ ٽريفڪ کي الفلاح برج کان اندرين روڊ ڏانهن موڙيو ويو آهي.

هوڏانهن ايم اي جناح روڊ تي نمائش چورنگي به ڌرڻو جاري آهي، جنهن سبب ڪيپري سئنيما کان گرومندر ويندڙ روڊ ٽريفڪ لاءِ بند آهي ۽ شهرين کي ڪوريڊور ٿري ۽ سولجر بازار جو روٽ استعمال ڪرڻ جو چيو ويو آهي.

ٽريفڪ پوليس موجب يونيورسٽي روڊ تي سفاري پارڪ ڀرسان ۽ ابوالحسن اصفهائي روڊ تي به عباس ٽائون ڀرسان ڌرڻو جاري آهي، جنهن سبب سهراب ڳوٺ کان ٽريفڪ کي راشد منهاس روڊ ڏانهن موڙيو ويو آهي، جڏهن ته مسڪن چورنگي کان سهراب ڳوٺ جي ٽريفڪ کي پيراڊائز بيڪري ڏانهن موڙيو ويو آهي.

پوليس ٻڌايو آهي ته نارٿ ڪراچي پاور هائوس چورنگي ڀرسان به ڌرڻو جاري آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.