گاڏي مان اسان تي فائرنگ نه ٿي: اسامه قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار جو اعتراف

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت اسامه قتل ڪيس ۾ گرفتار پوليس اهلڪارن جي جسماني رمانڊ ۾ وڌيڪ 7 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي.

اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ شاگرد اسامه قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن سلسلي ۾ گرفتار پوليس اهلڪارن کي عدالت سامهون پيش ڪيو ويو.

ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر عدالت کي جوابدارن جي وڌيڪ 12 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي اپيل ڪئي، جنهن تي جج پڇاڻو ڪيو ته ڇا واردات ۾ استعمال ٿيندڙ هٿيار ملي ويا؟ جنهن تي جاچ آفيسر جواب ڏنو ته جوابدارن کان هٿيار قبضي ۾ ورتا ويا آهن، اسامه قتل ڪيس ۾ استعمال هٿيار ۽ خول برآمد ڪري ڇڏيا آهن، ڪيس جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي به ٺاهي وئي آهي.

عدالت پڇاڻو ڪيو ته ٻار کي ڪيتريون گوليون ۽ ڪٿان ڪٿان لڳيون؟ جنهن تي جاچ آفيسر وراڻيو ته ٻار کي 5 گوليون پٺيان ۽ هڪ سامهون کان لڳي، عدالت پڇيو ته ڇا گاڏي جي سيٽ ۾ گولين جا نشان آهن؟ جاچ آفيسر چيو ته مان اهو نه ڏسي سگهيس.

ان موقعي تي جاچ آفيسر اسامه جي ميڊيڪل رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي، جنهن تي واقعي واري هنڌان تصويرون نه ڪڍڻ تي عدالت جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

عدالت جاچ آفيسر کي چيو ته اصل تصوير ناهي ٺهي، معنيٰ توهان جوابدارن سان مليل آهيو؟

عدالت جوابدارن کي روسٽرم تي طلب ڪيو ۽ پڇيو ته ٻڌايو ته اهو واقعو ڪيئن پيش آيو؟ جنهن تي هڪ جوابدار بيان ڏنو ته اي ايس آءِ سليم شمس ڪالوني ڪال ڪئي ته ڦر ٿي آهي، چيو ويو ته سرينگر هاءِ وي تي اچي وڃو، اڇي رنگ جي هڪ گاڏي آهي، چيو ويو ته گاڏي ۾ 4 ماڻهو سوار آهن، هر صورت ۾ گاڏي کي روڪڻو آهي.

عدالت جوابدار کان پڇيو ته ڇا توهان جي گاڏي مان فائرنگ ڪئي وئي، جنهن تي جوابدار جواب ڏنو ته اسان تي فائرنگ نه ڪئي وئي.

عدالت چيو ته اسامه وٽ ننڍي گاڏي هئي، توهان کي خبر ناهي ته گاڏي ڪيئن روڪڻي آهي؟ ڇا گاڏي تي گوليون هلائي ڇڏيندئو؟

پوءِ عدالت گرفتار پوليس اهلڪارن جي جسماني رمانڊ ۾ وڌيڪ 7 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي.

واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ اسلام آباد ۾ اينٽي ٽيررازم اسڪواڊ اهلڪارن جي فائرنگ ۾ 22 ورهين جو اسامه مارجي ويو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.