هن حڪومت جيان ڪنهن به سياسي مخالفن کي نشانو ناهي بڻايو: شيري رحمان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ شيري رحمان چيو آهي ته حڪومت ايتري ڊنل آهي جو ان تي هر ڏينهن پي ڊي ايم جو ڀوت سوار ٿي ويندو آهي.

سينيٽ ۾ خيالن جو اظهار ڪندي شيري رحمان چيو ته ڪنهن به حڪومت هن جيان سياسي مخالفن کي نشانو نه بڻايو، پ پ جي دور ۾ ڪو سياسي قيدي نه هو، ملڪ ۾ پارلياماني جمهوريت آهي، ان باوجود اپوزيشن ليڊر شهباز شريف ۽ اڳوڻو اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه جيل ۾ آهن.

هن چيو ته وزيرن جو ڪو احتساب نه پيو ٿئي، احتساب رڳو اپوزيشن لاءِ آهي، فريال ٽالپر کي اڌ رات جو اٿاري وٺي ويندا آهن، توهان کي ڪهڙي ڳالهه جو خوف آهي.

سندس چوڻ هو ته ملڪ جا مسئلا نظرانداز ڪري الائي ڪهڙن معاملن تي ڪم ٿي رهيو آهي، حڪومت نئين سال جو تحفو پيٽرول ۽ گئس اگهن ۾ واڌ سان ڏنو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.