اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان مچ سانحي جي متاثرن کي جلد ملاقات جي خاطري ڪرائيندي کين پنهنجي پيارن جا مڙهه دفن ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.
ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي وزيراعظم عمران خان لکيو ته هن ڏُک جي گهڙي ۾ هزارا برادري سان گڏ آهيان، مارجي ويلن جي وارثن جي ڏُک جو احساس آهي، توهان جي تڪليف ڄاڻان ٿو ۽ توهان جي مطالبن جو به احساس آهي، مستقبل ۾ اهڙن حملن جي تدارڪ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون ۽ ڄاڻي وٺو ته اسان جو پاڙيسري ان فرقيواراڻي دهشتگردي کي هٿي ڏئي رهيو آهي.
مچھ کےسفاکانہ دہشت گردحملےمیں اپنے پیاروں کو کھونےوالےہزارہ خاندانوں کو میں دوبارہ یقین دہانی کروانا چاہتا ہوں کہ میں انکی تکالیف اورمطالبوں سےآگاہ ہوں۔ مستقبل میں ایسےحملوں کےتدارک کیلئےہم اقدامات اٹھارہےہیں اور جان لیں کہ ہمارا ہمسایہ اس فرقہ وارانہ دہشت گردی کو ہوا دے رہا ہے۔
— Imran Khan (@ImranKhanPTI) January 6, 2021
هن چيو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ يڪجهتي لاءِ اڳ به توهان وٽ اچي چڪو آهيان، مچ سانحي ۾ مارجي ويلن جي وارثن سان ملڻ ويندس ۽ جلد ڪوئيٽا جو دورو ڪندس، پنهنجي ماڻهن جي اعتماد کي ڪڏهن ڇيهو نه رسائيندس، پونئيرن کي درخواست ٿو ڪيان ته پنهنجي پيارن جي تدفين ڪري ڇڏيو ته جيئن انهن جي روهڻ کي سڪون ملي سگهي.
میں آپکادرد بانٹتاہوں اورغم کےان لمحات میں یکجہتی کےاظہار کیلئےپہلےبھی آپکے پاس آچکاہوں۔ شہداء کےلواحقین سےدعاوتعزیت کیلئےمیں ذاتی طور پر دوبارہ بھی جلدحاضر ہوں گا۔میں اپنے لوگوں کےاعتماد کوکبھی ٹھیس نہیں پہنچاؤں گا۔ ازراہِ کرم اپنےپیاروں کودفن کیجئےتاکہ انکی روحیں آسودگی پائیں۔
— Imran Khan (@ImranKhanPTI) January 6, 2021