مايا علي جو ماضي ڄاڻي توهان جا هوش اُڏي ويندا…!

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) من موهڻي اداڪارا مايا علي چيو آهي ته منهنجي والدين جي هڪٻئي سان نه لڳندي هئي، توڙي جو انهن جي پسند جي شادي هئي، اهو ئي سبب آهي جو مون کي لَو ميرج کان خوف ٿيندو آهي.

ميرا سيٺي ويب شو ۾ اداڪارا مايا علي ڪيريئر سان گڏوگڏ پنهنجي نجي زندگي بابت به حيران ڪندڙ انڪشاف ڪيا.

اداڪارا چيو ته اها ڳالهه پراڻي آهي پر ڪنهن کي به خبر ناهي ته منهنجي پيءُ ۽ ماءُ جي هڪٻئي سان نه لڳندي هئي، ماءُ اهو سوچي سڄي زندگي پيءُ سان گذاري ته منهنجي وڃڻ کانپوءِ ٻارن جو ڇا ٿيندو؟ اهي ڳالهيون ننڍپڻ کان وٺي منهنجي ذهن ۾ هيون، پسند جي شادي باوجود والدين جو اهڙو رويو ڏسي مون کي لَو ميرج کان خوف ٿيندو آهي.

هن ٻڌايو ته مون کي 16 ورهين جي عمر ۾ نروس بريڪ ڊائون ٿيو، ٻه ڏينهن بيهوش رهڻ کانپوءِ ٽئين ڏينهن هوش آيو، نروس بريڪ ڊائون وقت منهنجي دنيا مَٽجي چڪي هئي، مون کي پاڻ ۾ مختلف تبديليون محسوس ٿيڻ لڳيون، انهن تبديلين سان گڏ مان پڙهائي جاري رکي.

سندس موجب گريجوئيشن ۾ ڊاڪٽر مون کي زبان هيٺان رکڻ لاءِ ٽِڪي ڏيندا هئا، ڇو ته مون کي سخت دورا پوندا هئا، ايترا سخت جو بابا مون کي پڪڙيندو هو، ان کانپوءِ منهنجي علاج لاءِ ٿراپي شروع ڪئي وئي.

مايا علي چيو ته مان ماءُ کي چوندي هيس مون کي انزائٽي ٿي رهي آهي، جنهن جا ڪجهه ڪارڻ ٿي سگهن ٿا، انهن ڏينهن ۾ ڊاڪٽر مون کي ٻڌايو ته توهان جي بيماري ماضيءَ جي صدمن جو نتيجو آهي، اها اوچتو ٿيندڙ بيماري ناهي، دماغي بيماري هڪ ئي وقت ناهي ٿيندي، اهي معاملا گهڻي وقت کا

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.