شيخ ڀرڪئي لڳ زمين خالي ڪرائڻ لاءِ ڪارروائي

شيخ ڀرڪيو(رپورٽ:اشرف عمراڻي)شيخ ڀرڪيو ڀرسان شاهاڻي برادري ۽ شاهن وچ ۾ هلندڙ زميني تڪرار بعد سول ڪورٽ ٽنڊو محمد خان جي حڪم بعد اسسٽنٽ مختيارڪار ٽنڊو محمد خان توقير قاضي , ڊي ايس پي ٽنڊو محمد خان نند لال جي اڳواڻي ۾ ڪيترن ئي پوليس موبائيلن ۾ سوار پوليس اهلڪار زمين خالي ڪرائڻ لاءِ پهتا. روينيو عملدارن زمين جي ماپ ڪرائڻ بعد 72 ايڪڙ زمين جو دنگ ڳوٺ کان پري ظاهر ڪيو.انهي زمين ۾ پڻ شاهاڻين سميت سندن هارين جا هڪ درجن تائين گهر پوليس جي مدد سان ڊاهي زمين جو قبضو غضنفر شاه حوالي ڪيو ويو.جڏهن ته غضنفر شاه جي سئوٽ جي شاهاڻي برادري وٽ چاليه ايڪڙ زمين جيڪا مقاطعي ۾ آهي.  غضنفر شاه اها پڻ پوليس جي زور تي خالي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي.صحافين غضنفر شاه کان موقف وٺڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان اڻ ڍنگي رويي سان ڳالهائيندي چيو ته توهان وڃي پنهنجي ڌنڌي جي ڪريو.ٻي طرف شاهاڻي برادري جي ماڻهن ماڻهن الهڏنو , رحيمدادا , ڪريمداد ۽ ٻين ٻڌايو ته قبضي هيٺ ڄاڻايل 72 ايڪڙ زمين ڪافي سال اڳ شاهن اسان جي ڀاءُ خداداد شاهاڻي کي وڪرو ڪري ڏني هئي جنهن جي ايگريمينٽ پڻ آهي ڪجه پئسا بقايا هئڻ ڪري کاتو ڪونه ٿيو ان بعد شاهن جي نيت خراب ٿي ۽ انهن ڪورٽن ۾ ڪيس داخل ڪرايا ۽ مختلف وقتن تي حراسان ڪندي ڪوڙا ڪيس پڻ داخل ڪرايا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.