اسلام ڪوٽ ۾ ڪولهي برادري جو بااثرن خلاف مظاهرو

مٺي(بيوروچيف)اسلام ڪوٽ جي ڪولهي برادري جي مردن  ۽ عورتن جو بااثرن خلاف احتجاج،هڪ ڪلاڪ ڌرڻو،بااثرن تي زمين تي قبضو ڪرڻ جو الزام،انصاف جي گهر،انهي سلسلي ۾ اسلام ڪوٽ جي ڪولهي پاڙي جي رهواسين عورتن ۽ مردن وشنو،ريوو،چنو،ڇڳيو،روجي،هنجو،تاري،ريشمان،ميگهي،پانو ٻائي ۽ ٻين پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي دانهيندي چيو ته اسان جي پلاٽن تي  ڀيل برادري جي  بااثرن هرسينگھ ڀيل،صاحبو،موهن، امولڪ،ڪريمان، جامڪي ۽ ٻين گڏجي زبردستي قبضو ڪري لٺ بردار ماڻهو ويهاري ڇڏيا آهن،اسين غريب آهيون قبضو خالي ڪرائڻ لاء وياسين ته بااثرن عورتن کي به وارن کان پڪڙي مارڪٽ ڪئي.  اسين سڀ روينيو وارن وٽ ۽ پوليس وٽ وياسين پر اسان جي ڪنهن به نه ٻڌي اسين صدين کان شهر ۾ آباد آهيون بااثر ٻين ڳوٺن کان اچي زمين تي قبضو ڪري زمين ڦٻائڻ چاهين ٿا هنن اختيارين کان گهر ڪئي بااثرن خلاف ڪاروائي ڪري اسان جيزمين اسان کي ڏياري وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو،احتجاج دوران عورتون ۽ مرد هڪ ڪلاڪ تائين پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هڻي ويٺل رهيا،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.