نئون ڳوٺ لڳ درگاهه سعدي موساڻي تي غلط وڊيو ٺاهيندڙ همراهه پوليس حوالي

نئون ڳوٺ (رپورٽ: رضوان علي ناريائي ) نئون ڳوٺ درگاهه سعدي موساڻي تي زائرين لاءِ قائم واش رومن مان عورتن جو سامان چوري ڪندڙ ۽ مخفي وڊيو رڪارڊنگ ڪندڙ کي نئون ڳوٺ واسين پڪڙي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، ڳوٺاڻن طرفان پڪڙيل نوجوان آچر سولنگي پوليس اھلڪار ممتاز سولنگي جو ڀاءُ  ٻڌايو پيو وڃي پوليس اھلڪار جي ڀاءُ ھجڻ سبب اوباش نوجوان مٿان  ڪيس داخل ڪرڻ بدران پوليس کيس ڇڏي ڏنو، جڏھن ته رابطي جي ڪوشش باوجود ايس ايڇ او نئون ڳوٺ گل بيگ کٽياڻ سان رابطو نه ٿي سگھيو، نئون ڳوٺ مخدوم سعدي موساڻي دڪاندار ايسوسيئيشن جي اڳواڻن محمود پيرزادو، مختيار لاکير ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته پوليس زائرين عورتن کي تحفظ ڏيڻ بدران ان جي پٺ ڀرائي ڪري رھي آھي، ھنن ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو آھي ته معامري جي جانچ ڪري ڪيس داخل ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.