ور شهر ۾ ڪشميري ڀائرن سان ايڪتا جي اظهار طور ريلي

گھوڙاٻاري(رپورٽ سيد امير شاھ ڀاڏائي) پنج جنوري پوري ملڪ جئيان ورشھر  ۾ ڪشميري ڀائرن سان اظهار يڪجهتي ريلي ڪڍي وئي ريلي ور اسڪول کان ٿيندي جان علي شاھ چوڪ تي پھتي جنهن ۾ سياسي سماجي ۽ تعليمي سرڪاري عملي سميت اسڪولي شاگردن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪري پلي ڪارڊ ۽ بينر ھٿ ۾ کڻي پاڪ فوج زنده باد  ڪشمير بنيگا پاڪستان جا نعرا ھڻندي ھندستاني مودي سرڪار مردا باد جا نعرا پڻ ھنيا بعد ۾  ريلي کي خطاب ڪندي اسسٽينٽ  ڪمشنر  گھوڙاٻاري  عبدالغفار شيخ محمد شفيق آرائين ممتازعلي جاڙو  ڊاڪٽر ساجد شيخ لياقت انعام چانڊيو  ڊاڪٽر حبيب خواجا ۽ ٻين چيو ته،معصوم ڪشميرين جو بي گناهه مودي سرڪار قتل ڪري انهن تي من گھڙت پابنديون مڙھي وڏي عرصي کان  سازشون ڪري رهي آهي.  ڪشميري ڀائرن سان اھڙي ظلم ۽ جبر خلاف  پاڪستاني عوام ھر موڙ تي انهن جي حق ۾ گڏ رھندي،ھنن وڌيڪ چيو ته ڪشميرين سان ڀارتي حڪومت ظلم ڪري رهي آهي جنگي صورت ۾ به علاج جون سهولتون فراهم ڪيون وينديون آهن پر ڪشمير جي مظلوم عوام کي علاج جي ڪابه سهولت فراهم نه پئي ٿئي.دنيا جي امن ڪائونسل هن ظلم تي خاموش بڻيل آهي ۽ ڪشمير ۾ انساني جانيون ضايع ٿي رهيون آهن هنن اقوام متحده ۽ وس وارن کان مطالبو ڪيو ته ڪشميرين سان ٿيندڙ ظلم بند ڪري ڪشميرين کي آزادي ڏني وڃي مظلوم عوام سان انصاف جون تقاضائون پوريون ڪيون وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.