مچ واقعي جا ذميوار گرفتار ڪيا وڃن:شيعا اڳواڻ

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد سان تعلق رکندڙ مختلف شيعا تنظيمن حسيني لائيرز فورم سنڌ، تحريڪ نفاذ فقه جعفريه، مجلس وحدت مسلمين ۽ شيعا علمه ڪائونسل جي اڳواڻن ايڊووڪيٽ سيد عنايت حسين شاهه، گل حسن مرتضوي، مخدوم قادر عباسي، غلام مصطفيٰ حيدري ۽ ٻين حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي حڪومت ۽ بلوچستان حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته مچ واقعي ۾ مارجي ويل 11 پورهيتن جي دهشتگردي واري واقعي جي جاچ ڪرائي واقعي ۾ ملوث اصل جوابدارن ۽ ذميوارن کي گرفتار ڪري پاڪستان جي عوام سامهون ظاهر ڪيو وڃي. هنن چيو ته ملڪ دشمن قوتون جڏهن پاڪستان ۾ فرقيواراڻي فساد ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿيڻ بعد خاص طبقن جي بي گناهه ماڻهن کي ٽارگيٽ ڪري قتل ڪرڻ بعد ملڪ غير مستحڪم ۽ ڪمزور ڪرڻ جون ناڪام سازشون شروع ڪري ڇڏيون آهن، پر پاڪستاني عوام ملڪ دشمن قوتن جي ارادن کي پنهنجي ايڪي ۽ ٻڌي جي طاقت سان ناڪام بڻائي ڇڏينديون. هن چيو ته مچ واقعي جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي. قاتلن کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.