نئون ڪوٽ ۾ آپباشي عملي پاران وارا بندي ڄاڻائي شاخون بند

نئون ڪوٽ(رپورٽ زاھد مغل) نئون ڪوٽ ايريگيشن سبب ڊويزن نئون ڪوٽ جي عملي سالياني وارا بندي کان اڳ ايريگيشن سب ڊويزن نئون ڪوٽ جي پوڇڙ رڻ شاخ ڍورو مائينر جھارا شاخ لنجا شاخ جو پاڻي اڳواٽ بند ڪري ڇڏيو شاخن ۽ واھن جي سالياني وارا بندي 6 جنوري اڄ کان سکر کان ٿيندي پر ايريگيشن عملي 30 ڊسمبر تي ئي ڄاڻايل شاخن جيڪي سب ڊويزن جي ٽيل ۾ آھن جو پاڻي بند ڪري سب ڊويزن نئون ڪوٽ جي منڊ جي بااثرن زميندارن کي کولي ڏيئي ڇڏيو وقت کان اڳ پاڻي بند ٿيڻ ۽ سالياني بندي کان اڳ ھڪ وارو بند ڪرڻ سبب ٿرپارڪر جي بئراجي يونين ڪائونسلن ڀٽارو مھراڻو فانٽ فارم ڪلوئي سميت ڪاجھر تائين پوکيل سوين ايڪڙن تي پوکيل ڪڻڪ توريو اسپنگر برسيم ڀاڄيون مڪمل طور تي سڪي ويون آهن. ان سلسلي ۾ ھتان جي آبادگارن اشرف ٻٻر دريا خان چانڊيو  اصغر ٻٻر ۽ صحافين اڳيان دانھيندي چيو تـ ھڪ طرف آگسٽ واري برسات ۽ ايل بي او ڊي جي گھارن ۾ الھو تلھو ٻڏي ويو پاڻي دير سان ھٽڻ سبب چيٽ جي پوکائي بـ ليٽ سان ٿي چيٽ جي فصل کي ٻيو پاڻي بـ نـ ڏيئي سگھياسين تـ مٿان ايريگيشن  سب ڊويزن نئون ڪوٽ پاڻي بند ڪري کين تباھ ڪري ڇڏيو آهي پاڻي وقت کان اڳ بند ڪرڻ بابت موقف وٺڻ لاء ايس ڊي او ايريگيشن  سان بار بار رابطي ڪرڻ باوجود ايس ڊي او ايريگيشن سب ڊويزن نئون ڪوٽ جو نمبر بند ھو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.