ٺٽو(بيورو چيف) پاڪ سرزمين پارٽي ضلعي ٺٽي جي اڳواڻن سنڌ ۾ ٿيل آدمشماري کي غير منصفاڻي قرار ڏيندي 10 جنوري تي ڪراچي ۾ رٿيل احتجاج ۾ ڀرپور نموني شرڪت جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي. ان سلسلي ۾ پي ايس پي ضلعي ٺٽي جو اجلاس ٺٽي ۾ ٿيو، اجلاس ۾ ناصر عباسي، جميل عابداڻي، واجد شيخ، رمضان ملاح، پرويز بشير عباسي سميت وڏي تعداد ۾ ڪارڪنن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اجلاس کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو تہ سنڌ ۾ ڪجھ وقت اڳ ٿيل آدمشماري شفاف ۽ ميرٽ تي نہ ٿي آھي، سنڌ جي گادي واري ھنڌ ڪراچي ۾ پڻ غير منصفاڻي آدمشماري ٿي آھي، جنھن خلاف 10 جنوري تي ڪراچي ۾ رٿيل احتجاجي ريلي ۾ ٺٽي مان ڀرپور نموني شرڪت ڪئي ويندي