سنجهوري ۾ پ پ ڪارڪن پنهنجي قائد ذوالفقار ڀٽي جي سالگره ملهائي

سنجھورو  (ن ع آ )سنجهورو۾ قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 93 هين سالگره جي تقريب پ پ پ ڪارڪنن غلام نبي گل شيخ ۔ غلام عباس خاصخيلي ۔ڪاشف مجيري طرفان  وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهائي وئي، تقريب جي صدارت پ پ پ اڳواڻ شيرمحمد ڏيرو ۔ سابقه ضلعي چيئرمين خادم حسين رند ڪئي ، مهمان خاص شير محمد ڏيرو کي ميونسپل چوڪ کان ميونسپل ڪميٽي هال تائين دهل شرنائيون وڄائي استقبال ڪيو ويو .  ان موقعي تي وڏي انگ ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي چاهيندڙ جانثارن وفادارن ۽ پارٽي اڳواڻن ولي محمدڌشاھ ۔ محمد علي خاصخيلي۔جاويد ٻگهيو ۔ لال بخش بلوچ ۔ ايوب شر ۔ ڪي بي دزڪاڻي ۔ حاجي بختيار بروهي ۔ ذوالفقار رند ۔ سميع جٽ گلاب کورکاڻي ۽ ٻين شرڪت ڪري شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڀيٽا پيش ڪئي ۽ سندس ڪيل خدمتن تي خطاب ڪيو، جڏهن ته آخر ۾ قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 93هين سالگره جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو..

ٽنڊي الهيار ۾ پ پ پاران شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي سالگره تي تقريب

ٽنڊوالھيار  (ڊ ر) ٽنڊوالھيار  ۾ قائد عوام شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 93هين جنم ڏينهن  جي حوالي سان بچاڻي ھائوس تي ڪيڪ ڪاٽجي ڻ تقريب ڪوٺائي وئي تقريب ۾ ضلعي صدر ايم اين اي ذوالفقار ستار بچاڻي . ضلعي جنرل سيڪريٽري مولابخش ٿيٻو . تعلقه صدر رمضان مري . محمد علي درس . وسيم لطيف منڱريو . مولوي شمس الدين پتافي . سٽي صدر آفتاب جوڻيجو . حيلمان لغاري . فرحان پتافي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.  اڳواڻن تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته  شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ھڪ تاريخ آهي جنهن جھموريت جون جھموريت لا وڏيون قربانيون آهن  اڳواڻن موجب شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ھن ملڪ جي عوام کي زبان ڏني ڳالھائڻ جي سگھ ڏني جنهن کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي

ڏيپلي ۾ عالم حافظ محمد کٽي گذاري ويو، سوڳ ۾ شهر بند

ڏيپلو (ت ر) ڏيپلو جو نامور عالم دين سائين حافظ محمد کٽي  هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. جنهن جي جنازي نماز ڏيپلو شھر ۾ ادا ڪئي ويئي، ڏک ۾ ڏيپلو شھر بند، جنازي ۾ وڏي تعداد ۾ سياسي، سماجي شخصيتن ۽ شھرين شرڪت ڪئي. نامور عالم دين کٽي برادري جو معزز شخصيت ھو حافظ محمد کٽي جي وفات تي شھرين، سياسي سماجي ۽ مذھبي اڳواڻن افسوس جو اظهار ڪيو. ندي چيو ته حافظ محمد حافظ محمد کٽي پنھنجي حياتي دين جي ڪمن ۾ وقف ڪري ڇڏي. اڄ علم جو هڪ خزانو ٿر تان کڄي ويو. ڏک ۾ ڏيپلو شھر مڪمل طور بند رهيو ۽ وڏي تعداد ۾ ماڻھن جنازي ۾ شرڪت ڪئي الله تعالي حافظ محمد کٽي جي مغفرت فرمائي ۽ کيس جنت الفردوس ۾ اعلي مقام عطا ڪري ۽ لواحقين کي صبر جميل عطا ڪري.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.