متروڪه بورڊ 2020۾ تاريخي ڪاميابيون ماڻيون:ترجمان

ڪراچي (پ ر) ترڪ ڪيل ملڪيتن واري بورڊ جي پريس ترجمان عامر هاشمي چيو آهي ته بورڊ جي چيئرمين عامر احمد جي بهترين قدمن سبب 2020ع ۾ تاريخي ڪاميابيون حاصل ٿيون، ليز ۽ ڪرائيداري جي مد ۾ ساليانو بورڊ جي آمدني جي مد ۾ ڪروڙن رپين جو اضافو ٿيو آهي. ڪالهه جاري ڪيل پريس رليز ۾ عامر هاشمي چيو ته بورڊ جي سيڪريٽري ثناءُ الله ۽ ڊپٽي سيڪريٽري ايڊمن روشنا فواد جي هدايتن تي ان بلڊ ڪميٽي ۽ اڪائونٽ برانچ جي ڪاوشن جي نتيجي ۾ سوين لڪيل ملڪيتون هٿ ڪيون ويون آهن، جن کي هندو ۽ سک برادرين پاران به ساراهيو ويو آهي. هن چيو ته متروڪ املاڪ بورڊ پاڪستان جي ترقي ۽ اقليتن جي خوشحالي لاءِ جدوجهد ڪندو رهندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.