ريتي_ڏهرڪي روڊ هنڌان هنڌان ٽٽل، حادثا معمول

ريتي (رپورٽ جميل سومرو ) ريتي کان ڏهرڪي ويندڙ روڊ  جي حالت انتهائي  خراب  ٿي چڪي آهي 8 ڪلوميٽرن جو فاصلو رکندڙ هي روڊ جيڪو ٻين ڳوٺن کي پاڻ ۾ ملائڻ جو واحد رستو آهي، سو پنهنجي اصل حالت وڃائي چڪو آهي ريتي جي سوشل ورڪرزجو چوڻ هو ته گذريل ڪيترائي سالن  کان هن روڊ کي ڄاڻي واڻي نظر انداز ڪيو ويو آهي، ريتي روڊ جي خراب حالت جي ڪري کيس هتان جي واپاري طبقي کي پڻ ڪاپاري ڌڪ رسيو آهي روڊ جي خراب صورتحال جي ڪري انتهائي ڳڻتي جوڳي حالت وارا مريض کين شهر جي اسپتالن تائين وقت سر نه پهچڻ جيڪري دم رستي تي ڏيو وڃين، سوشل ورڪرز اڳواڻ غوث بخش اشفاق سومرو جو چوڻ هو ته ڪيترائي ڀيرا علائقي جي چونڊيل نمائندن  ۽ ضلعي ايڊمنسٽريشن آڏو وفدن جي صورت ۾ پيش ٿيڻ باوجود به ريتي روڊ جي صورتحال بدلجي نه سگهي، هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن اهائي صورتحال رهي ته ايندڙ وقت۾اليڪشن جو مڪمل بائيڪاٽ ڪيو ويندو، واضع رهي ته  ريتي اٻاوڙو روڊ ڪجهه وقت کان ٺهي مڪمل ٿي چڪو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.