ڪنڌڪوٽ ۾ جعلي آرڊر ملڻ خلاف نوجوان جو احتجاج

ڪنڌڪوٽ(ن ع آ)ڪنڌڪوٽ ميڊيا سينٽر آڏو ڳوٺ رسول آباد واسي نوجوان انصاف لاءِ احتجاج ڪيو نوجوان شاهد ڀٽي ميڊيا سينٽر آڏو انصاف لاءِ احتجاج ڪندي داهنيو ته 2 سال اڳ مونکي ايس ڊي او پبلڪ هيلٿ اڀيمنيو،لالا آغا عنايت ۽ واحد ميراڻي مونکي نوڪري جا خواب ڏيکاري مونکا نوڪري ڏيڻ عيوض 5 لک 45 هزار روپيا گهريا ۽ مان بيروزگار هجڻ ڪري هنن جي دلاسن ۾ اچي 5 لک 45 هزار وياج تي پئسا ورتا ۽ هنن کي پئسا ڏنا ۽ 2 سالن کان پبلڪ هيلٿ کاتي ۾ چوڪيداري جي نوڪري ڪري رهيو آهيان پر 2 سالن کان مونکي نه ئي پگهار ڏني وئي آهي ۽ نه ئي مونکان نوڪري جا خواب ڏيکاري مونکا ورتل 5 لک 45 هزار روپيا واپس به نه پيا ڪيا وڃن ۽ پگهارن ڏيڻ يا پئسا واپس وٺڻ لاءِ هنن عملدارن کان پئسا طلب ڪيا ٿو ته مونکي ڌمڪايو پيو وڃي متاثر دربدر نوجوان شاهد ڀٽي جو چوڻ هو ته آءُ لاڳاپيل کاتي جي وس وارن آفيسرن ڏانهن به ويو آهيان هنن به لکي ڏنو ته هن کي پگهارون ڏنيون وڃن پر ان باوجود مونکي رولايو پيو وڃي متاثر نوجوان داهيندي چيو ته وياج تي ورتل پئسا هاڻي ٻيڙا ٿي 11 لک ٿي ويا آهن ۽ وياجي پئسن لاءِ تنگ پيا ڪن نوجوان داهيندي چيو ته زندگي زهر ٿي وئي آهي.  گهر ۾ فاڪا آهي پر مونکي انصاف نه پيو ملي نوجوان مطالبو ڪيو ته مونکان پئسا وٺي مونکي دربدر ڪندڙن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ پنهنجا ٻچا وڪڻي وياج جا پئسا ڏيندس ۽ خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ٿيندس جنهن جو ذميوار مونکا نوڪري ڏيڻ بهاني پئسا وٺندڙ پبلڪ هيلٿ جا عملدار هوندا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.